جڳديش لڇاڻي

جڳديش لڇاڻي: جڳديش وڀراج لڇاڻي، 4 ڊسمبر 1939ع تي پير جي ڳوٺ، سنڌ ۾ ڄائو . 1947ع واري ورهاڱي سبب هيءُ هندستان هليو ويو. هن ايم.اي هندي، ايم اي سنڌي ۽ ايم فل ڪئي آهي . ڊي ٽي ڪالائي ڪاليج آف آرٽس، سائنس اينڊ ڪامرس الهاس ننگر جو 39 سال پرنسپال رهيو آهي. پاڻ سٺو نقاد، ٻاراڻي ادب جو وڏو ليکڪ ۽ ٽيلي اسڪرپٽ جو بهترين ليکڪ آهي، جنهن ۾ هن جو ساٿي منوهر بيدي رهيو آهي. هن اسڪول ۽ ڪاليج دوران ڪيترن ئي ناٽڪن جي ڊائريڪشن ڏني آهي. سنڌي کان سواءِ هي هندي ۽ انگريزيءَ جو به سٺو ليکڪ آهي. هن جي ادبي تصنيفن ۾: (1) خاموش زندگي ( 1957ع)، (2) ادبي شناس (1958ع) (3) سِڌا ردل جي ڪشمڪش جو چتر (1959ع)، (4) هڪ تصوير ٻه پاسا (ڪهاڻيون 1962ع)، (5) سنڌي ادب جي روپ ريکا (1966ع)، (6) اصول ۽ آلوچنا (1973ع)، (7) نئون ساهت (1977ع)، (8) ساهت سروپ (1982ع)، (9) اپبياس ۽ سنڌي اپبياس (1982ع)، (10) شاهه ۽ صوفي مت (1984ع)، (11) ساهت جي پرک (1987ع)، (12) سنڌي ڪهاڻي جي اوسر، ۽ (13) ادبي تصويرون (ريڊيو ناٽڪ ۽ ادبي خاڪا: 1959ع) وغيره مشهور آهن.
ان کان سواءِ هن منوهر بيديءَ سان گڏ ڪيترا ئي ٽيلي اسڪرپٽ به لکيا ۽ ترتيب ڏنا آهن. جن مان: (1) جوڳي جادو لائي ويا (رام پنجواڻي جي زندگي تي ٽيلي اسڪرپٽ 1987ع)، (2) پوڦٽي- پوپٽي (پوپٽي هيراننداڻيءَ جي جيون، رچنائن ۽ خيالن جي آڌارت ٽيلي اسڪرپٽ 1988ع)، (3) کريو نه تنهن جو کير (سنت ڪنور رام، جھولي لال ۽ هيمون ڪالاڻيءَ جي حياتي تي ٽيلي اسڪرپٽ 1990ع)، (4) جل ۽ جوتين وارو (جھولي لال جو جيون چرتر 1992ع)، (5) نيڻين ننڊ حرام (شاهه لطيف جي حياتي، ڪلام ۽ تخليقي تصور جي آڌارت ٽيلي اسڪرپٽ 1993ع)، (6) هي ڪوئي کسي نه سگھندو (ريڊيو فلم ناٽڪ 1995ع)، (7) ڏات ۽ ڏانءُ (ايم ڪمل جي شخصيت ۽ ادبي ڪم جو جائزو 1997ع )، (8) ڏور به اوڏا سپرين (شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ تاجل بيوس تي وڊيو فلم اسڪرپٽ 2002ع) وغيره مشهور آهن. ان کان سواءِ هن ٻارن جي ادب تي به گھڻو ڪم ڪيو آهي، جنهن جو ڪجهه وچور هيٺ ڏجي ٿو:
(1) جھرڪي لڌو ٽڪو (1979ع)، (2) روپ نگر جي راجڪماري (1982ع)، (3) گلـن ڦـلــن جـي راڻــي (1982ع)، (4) ڪُـنـي آنـدي ڪــنـوار (1989ع)، (5) هڪڙو هو ڏاهري (1989ع)، (6) گنگا گيان (1990ع)، (7) ملي ڪبو مقابلو (1991ع)، (8) لال هيري جي ڳولا (1992ع)، (9) وگيان جون آکاڻيون (1994ع) وغيره. کيس مڃتا طور ڪيترا ئي اوارڊ ۽ انعام ڏنا ويا، جن ۾: (1) ساهت جي پوک تي ايوارڊ، مهاراشٽر رياست جي سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ پاران 1988ع، (2) ’جوڳي جادو لائي ويا‘ ٽيلي اسڪرپٽ تي اوارڊ، سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ، ڀارت سرڪار پاران دهليءَ 1989ع ۾، (3) ’ساهت جي پوک‘ ڪتاب تي اوارڊ، نيشنل ڪائونسل فار پروموشن فار سنڌي لئنگئيج پاران 2000ع ۾ قابل ذڪر آهن.


لفظ جڳديش لڇاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.12.04  عيسوي

جڳديش وڀراج لڇاڻي ، 4 ڊسمبر 1939ع تي پير جي ڳوٺ ، سنڌ ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثريا ملتانيڪر
ثانيه مرزا
ارسطو
حسن شيخ 1
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
سيد سردار احمد
ڪرتار سنگهه عرش
زاهد ميراڻي
شورو ڄام خان
ابن سينا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون